Sadaquat Rajput Sadaquat Rajput Author
Title: Sehwan Men Blast Ky Shahidoon Men 13 Nooriabad ky
Author: Sadaquat Rajput
Rating 5 of 5 Des:
Sehwan Bumb Blast 13 Pepole In #Nooriabad نوري آباد (رپورٽ)   سيوهڻ سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ نوري آباد واسين جي...
Sehwan Bumb Blast 13 Pepole In #Nooriabad

https://mail.google.com/mail/u/1/images/cleardot.gif
نوري آباد (رپورٽ)  سيوهڻ سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ نوري آباد واسين جي تدفين پورو علائقو سوڳوار هر اک آلي ڳوٺ مان هڪ وقت جنازا کڄڻ تي قهرام مچي ويو خبر موجب سيوهڻ جي قلندر جي مزار تي بم ڌماڪي واري واقعي ۾ نوري آباد جي ڳوٺ نواب خان پالاري جي 9 ۽ ڳوٺ حاميد پالاري مان 3 ڄڻا جن ۾ شبير احمد ولد ابراهيم پالاري عطاالله ولد جان محمد.زينب ڌي ابراهيم .ميرزادي ڌي پٺاڻ پالاري  اڪان ڌي طهر.راڄ ٻائي ڌي گل جان  ظهوري ڌيابراهيم  صالحيان ڌي ابراهيم  صميري زال فرمان  بوبني زال چنيسر  ظهران ڌي چنيسر مرادي زال امتياز پالاري شامل آهن جن جي سڃاڻپ ٿيڻ کان پوءِ وارث سيوهڻ اسپتال مان کڻائي ڳوٺ پهتا جتي وارث زارو قطار روئندا رهيا ۽ هر طرف هر اک آلي ۽ روڄ راڙو مچي ويو هو سمورن فوتين مان 9ڄڻا جي دفين ڳوٺ نواب پالاري ۾ ڪئي وئي ۽ 3 ڄڻن جي دفين هٻڪاڻ لڳ ڳوٺ حاميد پالاري ۾ ڪئي وئي جتي سوين ماڻهن ڌماڪي جي شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته جنازي نماز ۽ دفين ۾ ضلعي جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي ضلعي جي ڪنهن ڪاموري به شرڪت نه ڪئي.زخمين ۾ قدير ولد شبير پالاري.حاميد ولد شبير پالاري.اول دين شامل آهن جن به حالت ٻڌائي پئي وڃي  
نوري آباد ..  سيوهڻ ۾ بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ ابراهيم پالاري جي گهر جا 4 ڀاتي پٽ  ڌئيون به شامل آهن شبير پالاري پاڻ شهيد ٿيو ۽ سندس پٽ زخمي ٿيا آهن  جڏهن گهر جو اڪيلو وارث عطاالله پالاري مسڪين پورهيت هو.

About Author

Advertisement

Post a Comment

FM 92 Nooriabad welcome

 
Top